علاؤ الدين نيازي شيخ

علاؤ الدين نيازي شيخ : مشهور صحافي علاؤالدين شيخ، 21 نومبر 1927ع تي جوڌپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪري فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عليڳڙهه ويو. جتان موٽي اچي ملازمت ڪيائين. نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ صحافت جي شروعات ڪيائين. 1970ع ۾ شڪارپور مان ‘نيو سنڌ’ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين. هن 1977ع ڌاري شڪارپور ۾ آدم پرنٽنگ پريس، قائم ڪري ڇپائيءَ کي هٿي ڏني. شڪارپور ۾ موجوده پريس ڪلب قائم ڪرڻ لاءِ هن وڏي ڪوشش ڪئي. ان کان سواءِ هلال احمر جو بنياد پڻ وڌائين. ڪيترو عرصو شڪارپور ۾ روزاني اخبارن: ڊان، جنگ ۽ عبرت جو نمائندو رهيو. شيخ علاؤالدين نيازي 7 فبروري 1994ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد مان ميان معراج الدين احمد ۽ محمد جلال الدين نيازي ورثو سنڀاليندا رهيا آهن. 2001ع کان ٻيهر سندس جاري ڪيل اخبار ’نيو سنڌ‘ محمد جلال الدين نيازي جي ايڊيٽريءَ ۾ سندس نياڻي جهان آرا شيخ ڇپائي پڌري ڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.11.21  عيسوي

مشهور صحافي علاؤالدين شيخ، 21 نومبر 1927ع تي جوڌپور ۾ پيدا ٿيو.


1994.02.07  عيسوي

شيخ علاؤالدين نيازي 7 فبروري 1994ع تي وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اخلاق جوکيو
پريل دايو
دوست علي جيسر
شيخ نظر محمد بسمل
زاهد ملڪ
جعفر ميمڻ
ارشاد مستوئي
شان ڏهر
ابوبڪر خان مگسي
زلف پيرزادو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون